اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران عدالت کي ناليواري ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي موت جي سزا ڏيڻ جي مطالبي جي تازه ترين قدم تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل سال محمد ياسين ملڪ کي هڪ تڪراري ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، ان تي هٿ ٺوڪيا الزام هنيا ويا ۽ ان کي منصفاڻي ٽرائل کان انڪار ڪيو ويو هو. ترجمان چيو ته اهم ڪشميري اڳواڻ کي خراب ٿيندڙ صحت جي باوجود بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ غيرانساني حالتن ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته محمد ياسين ملڪ کي خاندان جي ماڻهن ۽ وڪيلن تائين پهچ نه پئي ڏن?? وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ کيس معياري ص??ت جي علاج کان محروم رکيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته ڀارت جو تازو قدم سياسي انتقام جو هڪ ٻيو مثال آهي جنهن جو مقصد ڪشميري قيادت کي خاموش ڪر?? ۽ ڪشميري عوام کي ڊيڄارڻ آهي. هن چيو ته اهو قدم ڀارت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي نه ختم ٿيندڙ ۽ وسيع ڏاڍ جو مظهر آهي جتي سياسي اڳواڻن ۽ انساني حقن جي محافظن کي هٿ ٺوڪيي ۽ بي بنياد الزامن تحت قيد ڪيو وڃي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي محمد ياسين ملڪ جي خلاف فرضي ڪيس کي ختم ڪن. هن چيو ته ڪشميري اڳواڻ کي معياري علاج فراهم ڪر?? گهرجي ۽ ان کي پنهنجي ماڻهن ۽ خاندان جي وچ ۾ آزاداڻي طور تي رهڻ ڏن?? وڃي. ترجمان پاڪستان جي ان مطالبي کي پڻ ورجايو ته ڀارت کي ڪشميري قيادت ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي پڻ فوري ۽ غيرمشروط طور تي آزاد ڪر?? گهرجي جن کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي جيلن ۾ بنا جواز قيد ۾ رکيو ويو آهي.
متعلقہ مضامین
-
علاقائی لنک پیگی بینک آفیشل تفریحی لنک کا تعارف
-
Intra-party polls : PTI CEC resigns over differences with Imran Khan
-
NAB arrests Magsi over charges of irregularities, corruption
-
Terrified, handcuffed 10-year-old suspect presented before medical board
-
Qatar appreciates Pak Navys role in stabilising peace
-
گرین چلی پپر آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
Dragon Legend Rasmi Download Website
-
پی جی سافٹ ویئر ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم کی خصوصیات اور فوائد
-
ٹی پی کارڈ گیم سرکاری ڈاؤنلوڈ گائیڈ اور تفصیل
-
الیکٹرانک پروب ایپ گیم پلیٹ فارم: مستقبل کی گیمنگ کا نیا دور
-
لیٹننگ رولیٹ ایپ گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ: آن لائن گیمنگ کا نیا تجربہ
-
HB الیکٹرانک ایپ ڈاؤن لوڈ کرنے کا طریقہ