اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي جونيئر اسڪوائش چيمپيئن حمزه خان جهڙا باصلاحيت نوجوان ا??ان جي قوم جو فخر ۽ سرمايو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي جونيئر اسڪوائش چيمپئن حمزه خان سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حمزه خان جو والد نياز الله خان ۽ ان جي والده کانسواءِ بين الصوبائي رابطن وارو وزير احسان الله مزاري، خصوصي معاون شزه فاطمه خواجه، بين الصوبائي رابطن وارو سيڪريٽري حنيف اورڪزئي ۽ سينيئر وائيس پريزيڊنٽ اسڪوائش فيڊريشن ايئر وائيس مارشل ڪاظم حماد به موجود هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف حمزه خان کي حڪومت پاران حوصلا افزائي جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جو انعامي چيڪ به ڏنو. حمزه خان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ا??ڪوائش فيڊريشن جي تعاون کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم حمزه خان جي والدين سان پشتو ۾ ڳالهه ٻولهه به ڪئي. حمزه خان وزيراعظم کي حمزه جي حوصلا افزائي ??ي ٿورا مڃيا. وزيراعظم حمزه خان کي تازو ئي آسٽريليا ۾ عالمي جونيئر چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته توهان جهڙا باصلاحيت نوجوان ا??ان جي قوم جو فخر ۽ قومي سرمايو آهن. پاڪستان کي ڏهاڪن کانپوءِ اسڪوائش جو ايترو وڏو ٽائيٽل کٽڻ تي مون سميت سڄي قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ٿيو. اسڪوائش هڪ بهترين راند آهي، ماضي ۾ به اسڪوائش کيڏندو رهيو آهيا??، اميد آهي ته توهان جلد ئي پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ سان ا??ڪوائش جو سينيئر عالمي ٽائيٽل به کٽيندا. وزيراعظم چيو ته توهان پاڪستان جي ٻين نوجوانن ۽ رانديگرن جي لاءِ رول ماڊل آهيو، منهنجي سدائين اها خواهش رهي آهي ته نوجوانن کي راندين جي عالمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، تازو ئي اسان سڄي پاڪستان ۾ راندين کي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي لاءِ قومي اسپورٽس قدم جاري ڪيا. پاڪستان ۾ ??هر??ن ا??پورٽس يونيورسٽي جو قيام ۽ هن ملڪ جي لکين باصلاحيت نوجوانن کي عالمي مقابلن جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ مالي ۽ فني سهولتون به ان پروگرام جو حصو آهن.
متعلقہ مضامین
-
DG ISPR exposes India’s false accusations in foreign media with concrete evidence
-
Pakistan seeks enhanced cooperation with Türkiye, says Aleem Khan
-
شعلہ ماسک آفیشل ڈاؤن لوڈ داخلہ
-
خوش قسمتی کے دیوتا کا سرکاری تفریحی پورٹل
-
میجک لنکس زیوس آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
ٹائیگر میکس منی آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
PG الیکٹرانک قابل اعتماد تفریحی ویب سائٹ
-
All set for Xmas celebrations
-
ڈیولز فارچیون آفیشل گیم پلیٹ فارم کا تعارف اور خصوصیات
-
گولڈ بلٹز آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کا طریقہ اور فوائد
-
گولڈ بلٹز ایپ گیم پلیٹ فارم: نئی تفریح کی دنیا
-
گولڈ بلٹز ایپ گیم پلیٹ فارم: ایک دلچسپ کھیل کی دنیا