اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختو??خو?? ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 98 فوتگيون ٿيون جنهن مان 31 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 329 ماڻهن جا ڪورونا ٽي??ٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي ??نا??ب جي لحاظ کان ملتان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 75 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 84 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 58 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي ??نا??ب جي لحاظ کان پشاور ۾ 83 سيڪڙو، سوات ۾ 63 سيڪڙو، گجرات ۾ 73 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 49 هزار 816 ٽي??ٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 411، پنجاب ۾ 21 هزار 325، خيبرپختو??خو??هه ۾ 7 هزار 198، اسلام آباد ۾ 8 هزار 292، بلوچستان ۾ هڪ هزار 816، گلگت بلتستان ۾ 474، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 65 ٽي??ٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 23 هزار 399 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 467 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 66 هزار 994 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 5 هزار 517 آهي.
متعلقہ مضامین
-
DG ISPR exposes India’s false accusations in foreign media with concrete evidence
-
Pakistan seeks enhanced cooperation with Türkiye, says Aleem Khan
-
شعلہ ماسک آفیشل ڈاؤن لوڈ داخلہ
-
خوش قسمتی کے دیوتا کا سرکاری تفریحی پورٹل
-
میجک لنکس زیوس آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
ٹائیگر میکس منی آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
PG الیکٹرانک قابل اعتماد تفریحی ویب سائٹ
-
All set for Xmas celebrations
-
ڈیولز فارچیون آفیشل گیم پلیٹ فارم کا تعارف اور خصوصیات
-
گولڈ بلٹز آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کا طریقہ اور فوائد
-
گولڈ بلٹز ایپ گیم پلیٹ فارم: نئی تفریح کی دنیا
-
گولڈ بلٹز ایپ گیم پلیٹ فارم: ایک دلچسپ کھیل کی دنیا